ملير (رپورٽر) اتر وزيرستان جي علائقي ۾ چيڪ پوسٽ ويجهو بارودي سرنگ جو ڌماڪو، ڀينس ڪالوني واسي لانس نائڪ شھيد ٿي ويو. خبر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ڪني گرام ۾ قائم پاڪستان آرمي جي چيڪ پوسٽ ويجهو بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملير جي علائقي ڀينس ڪالونيءَ سان تعلق رکندڙ لانس نائڪ 26 ورهين جو وقاص احمد شھيد ٿي ويو. گذريل ڏينهن سندس مڙھ اباڻي علائقي ڀينس ڪالوني آندو ويو. مسجد زينت اسلام نوراني عيد گاھ ۾ جنازي نماز بعد شهيد جوان جي مڙهه کي فوجي اعزاز سان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي شھيد وقاص جي پيءُ غلام احمد چيو ته مون کي پنهنجي پٽ جي شھادت تي فخر آھي، جنهن وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪيو.