ميرپورخاص(رپورٽ: روي شنڪر مالھي) تيزگام سانحي ۾ لاپته 8 ماڻھن مان 5 ڄڻن جا چيف ميونسپل آفيسر ڊيٿ سرٽيفيڪٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ پيش، عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. ڏيڍ سال اڳ پنجاب جي علائقي لياقت پور ويجھو تيزگام ٽرين کي اوچتو باهه لڳي وئي ھئي، حادثي ۾ ميرپورخاص واسي 50 کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿي ويا ھئا، جيڪي تبليغي جماعت ڏانھن وڃي رھيا ھئا، جن ۾ لاش وڌيڪ سڙي وڃڻ سبب ميرپورخاص جي 8 ڄڻن جي سيف الرحمان، محمد ياسر، محمد جاويد، اورنگزيب عرف خرم، عادل ،جان محمد، محمد اقبال ۽ اعجاز ميمڻ لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ھئي ۽ لاپتا واري لسٽ ۾ شامل ٿي ويا ھئا، جن جا وارث سخت پريشان ھئا ۽ حڪومت شھيد ٿيلن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو ھو، امداد حاصل ڪرڻ لاءِ لاپتا ٿيلن وارثن ھاءِ ڪورٽ ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي ھئي، جنھن بعد ھاءِ ڪورٽ لاڳاپيل سول ڪورٽ ۾ سول سوٽ داخل ڪرائي ڊيٿ سرٽيفيڪٽ حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن بعد لاپتا ٿيل ماڻھن جي وارثن وڪيل قائم ڪاشف معرفت سيڪنڊ سينئير سول جج جي عدالت ۾ سوٽ داخل ڪرايو ھو، جنھن بعد عدالت چيف ميونسپل آفيسر کي ڊيٿ سرٽيفيڪٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن بعد چيف ميونسپل آفيسر ميرپورخاص پاران عدالت ۾ پيش ٿي تيز گام ٽرين سانحي ۾ لاپتا ٿيل 8 مان 5 ڄڻن سيف الرحمان، محمد ياسر، محمد جاويد، اورنگزيب عرف خرم ۽ عادل جا ڊيٿ سرٽيفيڪٽ جاري ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا، جنھن بعد عدالت سول ڪيس سوٽ ختم ڪري ڇڏيو.