پکو (ن پ ا) لاڙڪاڻي جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڄنگھه جي آپريشن دوران آپريشن ٿيٽر ۾ عورت سان مبينا زيادتي واري معاملي جو جرڳو ڪرڻ بعد ڏوھي قرار ڏنل ڌر ڊاڪٽر شعيب چانڊيو ۽ ٻيا معزز اعجاز شاهه جي اڳواڻي ۾ متاثر ناري پکو واسڻ غلام فاطمه مغيري جي وارثن وٽ ميڙ جي صورت ۾ پھتا، ان موقعي تي ڏنڊ جي رقم 45 لک رپين مان 10 لک رپيا وارثن کي ادا ڪيا ويا، جڏھن ته باقي رقم ٻئي قسط ۾ ادا ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي جي سرپئنچي ۾ ڌرين وچ ۾ جرڳو ٿيو هو جنهن ۾ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر ۽ ٻئي عملي کي ڏوهي قرار ڏئي 45 لک ڏنڊ وڌو ويو هو.