ميرواھ گورچاڻي واسي نوجوان پنوعاقل مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا

0
408

ميرواه گورچاڻي: ميرواھ گورچاڻي جو نوجوان عابد اسلم آرائين عورتاڻي آواز تي پنوعاقل ڀرسان الشفاء مسجد تي عورت سان ملڻ لاءِ پھتو، جتان اغوا ٿي ويو آھي. نوجوان جي ڀاءُ شهزادي انجم جو چوڻ هو ته ڀاءُ کجين جي واپار لاءِ پنوعاقل پھتو جتان الشفاء مسجد تي گاڏي واري کي چيائين توھان اتي بيھو مان پوءِ رابطو ڪيان ٿو. ھتي ٻڌائن پيا ته ڀاءُ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويو آھي، پوليس ڪو سهڪار نه پئي ڪري. وارثن بائجي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته بائجي پوليس پاران مامري کان اڻڄاڻائي ظاھر ڪئي آهي