ڀٽو غدار هو، نواز شريف ڊاڪو ۽ مريم نواز ڊاڪو ناني آهي: وفاقي وزير علي امين گنڊاپور

0
401

ڪوٽلي: وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ڪشمير ۾ چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مٿان ڇتي تنقيد ڪئي. هن چيو ته هي ڀٽو جنهن جو هي نعرو لڳائيندا آهن ته ”زنده هي ڀٽو زنده هي“، ان ڀٽو پوري سنڌ کي ماري ڇڏيو آهي، اسان کي نه گهرجي اهڙو زنده ڀٽو جنهن جي ڪري اسان جا ٻار بک وگهي مرندا هجن، جنهن جي ڪري اسان جو ڪراچي شهر پاڻي ۽ ڪچري ۾ ٻڏل هجي. هن چيو ته هي اهو ئي ڀٽو آهي جنهن وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ ادهر تم ادهر هم جو نعرو لڳايو ۽ ايئن هن غدار ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو، هي اهو ئي ڀٽو آهي جنهن جڏهن گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو ٺهراءُ پاس ٿيو ته چيائين ته هي ٻه طرفو معاملو آهي، ڪو مداخلت نه ڪري، ان قرارداد کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائڻ وارو اهو ئي ڀٽو آهي. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ڊاڪو لوهارڪي دڪان مان شروع ٿي صنعتن تي قبضو ڪري ورتائين. هي اربين رپيا کائي ويا آهن، مريم نواز ڊاڪو ناني آهي، هنن جو ڪشمير سان ڪو تعلق ناهي، هي مودي جا يار آهن، نواز شريف پنهنجي ڌي جي شادي ۾ مودي کي دعوت ڏني.