چڪ(رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ جي ڪچي واري علائقي بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه هفتا اڳ اغوا ڪيل ٻن ڄڻن عامر علي مهر فريد مهر جي اغوا شڪ ۾ جتوئي برادري جي ڪرسي پاڙي جي ٽن ڄڻن سانوڻ ڪرسي عبدالصمد ڪرسي مولابخش ڪرسي جتوئي کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو، جنهن جي پلاند ۾ جتوئي ڌر ڪرسي پاڙي جي ماڻهن ڪارروائي ڪري مهر برادري جي معزز شخصيت غلام علي مهر جي منشي ۽ ذاتي ڊرائيور عبدالرحيم مھر کي ويگو گاڏي سميت اغوا ڪري ورتو ۽ گاڏي ۾ ويٺل هدايت مھر کي ڇڏي ڏنو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته زخمي ٿيل آهي، پر زخمي ٿيڻ جي تصديق نه ٿي سگهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي چڱي مڙس جي منشي جي اغوا ۽ گاڏي ڦر ٿيڻ واري واقعي بعد مهر برادري جا ماڻهو پڻ هٿيار بند ٿي چڪ شهر ۾ گشت ڪري جتوئي ڌر جي ڪرسي پاڙي جي ماڻهن کي ڳوليندا رهيا، چڪ ۾ قائم جتوئي هائوس جي پڻ تلاشي ورتي وئي جڏهن ته ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون وڏي پوليس نفري سان ڪري بچل ڀيو ٿاڻي تي پهچي ويو ۽ ڌرين جي چڱن مڙسن سان رابطو ڪري اغوا ٿيل چئن ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو چيو ۽ ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي جو چتاءُ ڏيئي ڌرين خلاف هڪ جهڙو آپريشن ڪرڻ جي تياري ڪري ڏني، راڄوڻي ڪوشش بعد مهر برادري جو عبدالرحيم مھر ۽ جتوئي برادري جي جي ٽن ڄڻن سانوڻ ڪرسي، عبدالصمد ڪرسي ۽ مولابخش ڪرسي جتوئي کي آزاد ڪيو ويو ۽ جتوئي ڌر پاران ڦر ڪيل چڱي مڙس غلام علي مهر کي ويگو گاڏي پڻ واپس ڪئي وئي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور چيو ته حڪمت عملي سان ماڻهو واپس ڪرائي علائقي کي پرامن رکڻ جي ڪوشش ڪامياب وئي آهي، پوليس کي سڀ اختيار آهن ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، پر ماڻهن جي باحفاظت بازياب ڪرائڻ اهم هو، جنهن ڪري ٻئي آپشن استعمال ڪيا آهن، راڄوڻي ۽ آپريشن ڪري مغوي بازياب ڪرائڻ ممڪن ٿي ويو آهي.