مونکي نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ۾ ڪير به بيروزگار نه هجي ها: نواز شريف

0
53

بوري والا: نواز ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته مون کي نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ۾ ڪير به بيروزگار نه هجي ها، سمورا شهري خوشحال هجن ها، مسلم ليگ نواز اقتدار ۾ اچي ٻيهر مهانگائي جو خاتمو آڻيندي

بوري والا ۾ جلسي کي خطاب دوران نواز شريف چيو ته تبديلي ملڪ سان اهڙو حشر ڪيو جو 4 روپين واري ماني اڄ 25 روپين ۾ ملي ٿي

هن چيو ته بجليءَ جو 5 سئو روپين وارو بل اڄ 25 هزار روپين جو اچي ٿو، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي ختم ڪنداسين، بجلي ۽ گئس سستي ڪنداسين

نوازليگ جي منشور جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو: مريم نواز

مريم نواز چيو ته نوازليگ جي منشور جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو، اڄڪلهه سموريون سياسي جماعتون پنجاب ۾ اچي ووٽ پيون گهرن

هنن کي جلسا ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش ٿيون اچن، هو جتي به جلسو ڪن ٿا اتي اڳيان پٺيان رڳو نواز ليگ جا منصوبا نظر اچن ٿا، نواز ليگ پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ وئي آهي