مورو(ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ آغا فارم ۾ انبن جي باغ ۾ انبڙيون پٽيندي پيٽ ۾ ڪاٺي لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو. مورو ڀرسان سونهري فارم لڳ ڳوٺ آغا فارم ۾ انبن جي باغ ۾ انبڙيون پٽيندي 12 سالن جو غلام عباس پٽ علي اصغر ماڇي ڪُک ۾ ڪاٺي ڦاسڻ سبب بيھوش ٿي ويو جنھن کي مقامي اسپتال آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.