لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ 19 مهينن جو ٻارڙو رحمان منگي گهر اندر راند کيڏندي پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.