مورو باءِ پاس تي ٻن ٽرالرز ۾ ٽڪر، ڊرائيور فوت، 2 ڄڻا زخمي

0
177
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

مورو (ن پ ا) مورو باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر جو سامھون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور محمد عزيز اعواڻ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو،

جڏھن ته ٻئي ٽرالر جو ڊرائيور محمد زيد ۽ ڪلينر زاھد علي زخمي ٿي پيا. اطلاع تي موٽر وي پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي ماڻھن جي مدد سان ڪٽر مشين ذريعي ڦاٿل زخمي ۽ چيڀاٽجي فوت ٿيل جو لاش ٻاھر ڪڍيو ۽ تعلقي اسپتال مورو منتقل ڪيو،

اسپتال مان فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.