مهمان پرديسي پکين جي نسل ڪشي … ڊاڪٽر خالق ميمڻ

0
98

  گذريل سال سياري جي موسم ۾ ڳوٺ دڙو ۾ شام جي مهل بازار ۾ فوٽوگرافي جي خيال سان پئي گهميس ته اچانڪ ڪڪڙ جي گوشت جي پِڙي تي نظر پيم جتي هڪ همراھ هي بدڪون مائگريٽري برڊس جيڪي سائبيريا جي مائنس ڊگري ۾ برف ڄمڻ ڪري هزارين ميل اڏري سفر ڪري هِند ۽ سنڌ ۾ ڍنڍون تي مهمان ٿي اچن ٿا، کين ڪُهائڻ لاءِ کڻي آيو. مون کيس سمجهايو ۽ پرديسي پکين کي ڪُهائڻ جي منع ڪئي ۽ کائنس خريد ڪري آزاد ڪرڻ جي به گهر ڪئي پر پاڻ مذاق ۾ ٽاري ڇڏيائين. اسان سنڌ واسي هونئن ته مهمانوازي ۾ هروڀرو مشهور آهيون جنهن جو ڪو مثال ناهي پر هنن مهمان پرديسي پکين جي جيڪا نسل ڪشي ڪيون ٿا ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. (فيس بوڪ تان ورتل)