مني لانڊرنگ ڪيس: وزير اعظم ۽ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ واڌ

0
285
مني لانڊرنگ ڪيس: وزير اعظم

لاهور: احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي

لاهور جي عدالت سليمان شهباز، طاهر نقوي ۽ ملڪ مقصود جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن

وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته عوام جا اربين رُپيا بچايا آهن، نيب کي جاچ ۾ ڪجهه نه مليو، برطانيا ۾ به بيگناهه ثابت ٿيو آهيان، مون وٽ حرام جو پئسو هجي ها ته ڏيهه واپس ڇو اچان ها

هن چيو ته اي اين ايس به 2 سال جاچ ڪئي پر ٽَڪَي جِي به ڪرپشن ثابت نه ٿي، ڪرپشن ڪريان ها ته عدالت ۾ پيش نه ٿيان ها

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري گرفتار