عمران خان گرفتار ٿيو ته صورتحال جا ذميوار حڪمران هوندا: اسد عمر

0
180
پي ٽي آءِ طرفان عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪالهه هڪ انتظامي آفيسر جي فون آيو ته عمران خان کي خطرو آهي، عمران خان جي گرفتاري جي ڪوشش ٿي يا ڪابه حرڪت ڪئي وئي ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو، اُن جا ذميوار حڪمران هوندا

اسد عمر چيو ته عمران خان جي تحفظ جي ذميواري حڪومت جي آهي،سندس تحفظ لاءِ سمورا گهربل قدم کنيا وڃن

هن چيو ته ملڪي مسئلن مان نڪرڻ جو واحد حل چونڊون آهن، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي، عمران خان وري اقتدار ۾ اچي ويندو

اسد عمر چيو ته  شهباز شريف کي جِن ڏکيائين ۾ ويهاريو ويو آهي، اُن تي رحم اچي ٿو، شهباز کي خبر ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي، پوءِ ڪرُسي تي ڇو ويٺو آهي؟

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري گرفتار