ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ ٻيهر واڌ، وڌيڪ 21 مريض فوت

0
174

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ ٻيهر واڌ ٿي وئي آھي، 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 590 نوان ڪيس رپورٽ، پازيٽو ڪيسن جي شرح 3 ڏهائي 6 سيڪڙو رهي، ڪورونا ۾ ورتل 21 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، ملتان ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 12 ڪاروباري سينٽرز سيل ڪيا ويا، ٻئي پاسي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر پهريون ڀيرو ڪورونا وئڪسين جا 5 لک ڊوز لڳايا ويا، سڀ کان وڌيڪ 3 لک 90 هزار پهريون ڊوز لڳائڻ جو رڪارڊ به قائم ٿي ويو آهي،ڪورونا جي خاتمي لاءِ عوام کي وئڪسين لڳائڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي.