دنيا افغانستان ۾ طاقت جي زور تي ٺهيل حڪومت کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي: آمريڪا

0
382

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دنيا افغانستان ۾ طاقت جي زور تي ٺاهي ويل حڪومت کي قبول نه ڪندي، ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ان حڪومت کي تسليم ڪيو ويندو جنهن کي عوامي حمايت حاصل هجي ۽ واضح اڪثريت رکندڙ هجي، خاص طور تي انساني حقن جو احترام ڪري، ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ موجوده ڏينهن ۾ تشدد ۾ گهڻو هٿ طالبان جو آهي، 40 سالن کان جاري تشدد جي خاتمي جو واحد ذريعو افغان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه آهي.