ملڪ ۾ بدامني ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي پنهنجي ڪرتوتن کان ڊڄڻ گهرجي: شهباز شريف

0
138
ملڪ ۾ بدامني ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي پنهنجي ڪرتوتن کان ڊڄڻ گهرجي: شهباز شريف
ملڪ ۾ بدامني ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي پنهنجي ڪرتوتن کان ڊڄڻ گهرجي: شهباز شريف

ڪراچي (م  ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ بدامني ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي پنهنجي ڪرتوتن کان ڊڄڻ گهرجي

لاهور جي نيب عدالت ۾ پيِشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هنن ملڪ ۾ تباهي ۽ ڪرپشن ڪئي، هنن غريبن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي

شهباز شريف چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چئي رهي آهي ته ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، مخالف پنهنجي ڪرتوتن کان ڊڄن

حڪومت جي گهر وڃڻ بابت سوال تي شهباز شريف چيو ته اها الله جي مرضي آهي پر اسان جي پوري ڪوشش آهي