چڙيا گهر ۾ ماءُ 3 سالن جي ڌيءُ کي رڇ اڳيان اڇلائي ڇڏيو

0
315
چڙيا گهر ۾ ماءُ 3 سالن جي ڌيءُ کي رڇ اڳيان اڇلائي ڇڏيو
چڙيا گهر ۾ ماءُ 3 سالن جي ڌيءُ کي رڇ اڳيان اڇلائي ڇڏيو

ڪراچي(دلچسپ نيوز) چڙيا گهر ۾ هڪ عورت اوچتو پنهنجي ٽن سالن جي ڌيءُ کي رڇ اڳيان اڇلائي ڇڏيو. اهڙو واقعو ازبڪستان گادي واري هنڌ تاشقند جي هڪ چڙيا گهر ۾ پيش آيو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو مٿي موجود ماڻهو رڇ کي ڏسي رهيا آهن ۽ رڇ 16 فوٽ هيٺ موجود آهي، ان دوران هڪ عورت پنهنجي ٽن سالن جي ڌيءُ کي اچانڪ هيٺ اڇلائي ٿي.

جڏهن ته چڙيا گهر جو عملو فوري طور تي ٻارڙي کي بچائڻ لاءِ رڇ جي پنڃري جي اندر داخل ٿيندو آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻارڙيءَ کي رڇ ڏسي هن طرف ويندو آهي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ ٻارڙيءَ کي سنگهي ۽ پوءِ منهن ڦيري ٻئي طرف هليو ويندو آهي. ان موقعي تي عملي جا 5 ڄڻا رڇ کي بهلائي هڪ ڪمري طرف وٺي ويندا آهن ۽ هڪ اهلڪار فوري طور تي ٻارڙي کي کڻي ايندو آهي. ٻارڙي مٿان هيٺ ڪرڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي آهي جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. عورت کي گرفتار ڪيو ويو

 

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d9%87%d9%85%d8%b1%d8%a7%d9%87%d9%87-%d8%b9%d8%af%d8%a7%d9%84%d8%aa-%db%be-%d9%bb%da%8c%da%bb%d9%8a-%d8%af%d9%88%d8%b1%d8%a7%d9%86-%da%8f%d8%a7%da%99%d9%87%d9%8a-%d9%ba%d8%a7%d9%87%d9%8a%d9%86%d8%af/