ڪراچي (ڪامرس نيوز) سڄي ملڪ ۾ مذهبي پارٽي جا ڌرڻا ختم ٿيڻ ۽ غيريقيني واري صورتحال جي خاتمي بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي واپس اچي وئي ۽ 100 انڊيڪس 486 پوائنٽون وڌي ويو. ڪالهه ڪاروبار شروع ٿيو ته انڊيڪس 600 پوائنٽون وڌي ويو پر آخر ۾ سيڙپڪارن شيئر وڪرو به ڪيا جنهن بعد مارڪيٽ 486 پوائنٽون اضافي سان 45 هزار 399 پوائنٽن تي بند ٿيو. تيزي جي ڪري شيئرز جي قيمت ۾ 85 ارب رپيا اضافو ٿيو.