اسلام آباد (بيورورپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ملڪ کي ميچور جمهوريت ڏانهن وٺي وڃڻو  پوندو ۽ ميچور جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته قانون ساز مقصد جوڳي ڳالهه ٻولهه ڪن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قومي مفاد ۽ ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ ووٽ کي نه ڳڻڻ گهرجي، عدالت جو ڪم سڀني آئيني سوالن جو جواب ڏيڻ آهي، ڄاڻڻ چاهينداسين ته آرٽيڪل 63 اي تي راءِ ڪهڙي حد تائين ڏئي ٿا سگهون، ڇا عدالت ريفرنس ۾ پڇيل سوالن جي لفظن جي قيدي آهي يا ان کان هٽي تشريح ڪري سگهي ٿي؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪ کي ميچور جمهوريت ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو ۽ ميچور جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته قانون ساز مقصد جوڳي ڳالهه ٻولهه ڪن. هن چيو ته ضمير موجب جيڪو آئين تحت صحيح لڳندو آهي اهو ڪندا آهيون، دعا هوندي آهي ته اسان جي فيصلن سان ملڪ ۾ بهتري ٿئي، سياستدانن کي قربانيون ڏيئڻيون پونديون. مسلم ليگ ن جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پي ٽي آءِ ريفرنس وزيراعظم کي بي اعتمادي کان بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هو، عدالت تاريخي فيصلو ڏئي اسيمبلي کي بحال ڪيو، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته 63 اي جي خلاف ورزي آئين جي خلاف ورزي آهي، 63 اي جي نتيجي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو پر ڳڻيو نه ويندو. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر کي چيو ته سياسي جماعتن کي تڪيلف آهي ته ان ڪينسر جو علاج پاڻ ڪيو، رڳو هڪ سياسي جماعت باغي ميمبرن خلاف آهي، اسان جي سامهون جماعتن جي اڪثريت توهان جي موقف خلاف آهي، توهان ڪهڙي اميد ٿا ڪيو ته اسان اڪثريت ڇڏي توهان جي ڳالهه مڃينداسين؟ جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته عزت جو رستو اهو ئي آهي ته باغي اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي عيد کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.