اڄ برصغير جي هڪ سچي، کري، آئيني ۽ قانوني معاملن جي ماهر سياستدان محمد علي جناح جو جنم ڏينهن آهي. جناح صاحب لاءِ آمريڪا جي جڳ مشهور ليکڪ اسٽينلي وولپرٽ پنھنجي ڪتاب Jinnah Of Pakistan  ۾ لکيو هو: “ٿورن ماڻهن تاريخ کي تبديل ڪيو آهي. انهن کان به وري بنھ ٿورن ماڻهن دنيا جي نقشي کي تبديل ڪيو آهي، ۽ قومي رياست قائم ڪرڻ وارو ڪم شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي، پر جناح اهي ٽئي ڪم ڪري ڏيکاريا”. جناح صاحب تي The Sole spokesman  جھڙو شاهڪار ڪتاب لکندڙ مشھور تاريخدان عائشه جلال  پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ چيو ته،” هو (جناح) Constitutionalist هو. هُن جو آئين تي گهرو يقين هجڻ سببان، اهو سمجهي چڪو هو ته هڪ جديد رياست ۾ سڀني شهرين کي هڪ جيترا ۽ برابر حق حاصل هوندا آهن”. پاڪستان جي نامياري دانشور مبشر حسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “شاھراھِ انقلاب” جلد اول جي صفحي نمبر – 294 تي جناح صاحب بابت لکي ٿو: “اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ڪو هو (محمد علي جناح) هڪ عظيم ليڊر هو. درحقيقت هو ويهين صديءَ ۾ برصغير جي عظيم ترين ليڊرن مان هڪ هو”.

تاريخ ۾ فردن جي ڪردار ۽ انھن جي ڪم جي ڇنڊڇاڻ لاءِ اهو ضروري آهي انھن کي سندن همعصر  وقت جي مخصوص سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي پسمنظر ۾ ڏسجي. جناح سان اها ڳالهه اڃان وڌيڪ ٺهڪي اچي ٿي. گانڌي صاحب پاران سياست ۾ مذهب کي آڻي، سياست ۽ مذهب جو استعمال، ڪانگريس جي مجموعي طور پاليسيون جهڙوڪ مضبوط مرڪز واري سياسي لائين، وغيره کي نظر ۾ رکي محمد علي جناح جي سياست ۽ جدوجهد کي جاچڻ ۽ پرکڻ گهرجي. برصغير جي سياسي تاريخ جا سمورا معاملا ۽ واقعا جڏهن حقيقيءَ معني ۾ دورانديشي، انصاف پسندي، ايمانداري سان ڏسبا ته تڏهن ئي ڪا مثبت ۽ بهتر راءِ قائم ٿي سگهندي. گڏيل هندستان جي سياسي تاريخ اندر گهڻو متضاد بڻيل يا بڻايل انتھائي دورانديش، پنهنجي ڳالهين ۾ سڌو،  پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهندڙ سياستدان قائداعظم محمد علي جناح بابت اسان وٽ هر مڪتبهء فڪر سان سلهاڙيل مختلف ماڻهن جا الڳ الڳ ۽ مختلف خيال آهن. حقيقت هي آهي ته چند ماڻهن کي ڇڏي اسان جي سماج اندر محمد علي جناح سان اڄ سوڌو انصاف ڪو به نه ڪري سگهيو آهي، جنهن جو ھڪ سبب هي آهي ته هر ماڻهو کيس پنهنجي مقرر حدن تائين فٽ ڪرڻ گھري ٿو ۽ کيس گهري انداز ۾ پرکيو ناهي ويو. وسيع پيماني تي جناح صاحب تي جنهن سطح جو ڪم ٿيڻ گهربو هو، سو نه ٿيو آهي. هندستان جي تاريخ تي لکندڙ ڪي چند ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جن جناح صاحب تي قلم کنيو آهي ۽ انھن پڻ هڪ حد تائين فقط ڪجھ ئي پاسا کڻي سندس شخصيت، زندگي ۽ ڪم کي بيان ڪري سگهيا آهن. هندستان جي اجيت جاويد جو جناح صاحب تي لکيل Secular and nationalist Jinnah  ڏاڍو شاندار ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. ان ۾  گهڻي حد تائين سندس سيڪيولر ۽ روشن خيال پاسي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ائين ئي اسٽينلي وولپرٽ کان ويندي هيڪٽر بوليٿو تائين ڪجھ مؤرخ اھڙا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن بايوگرافيڪل انداز ۾ محمد علي جناح تي لکيو. موجوده وقت ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي چيل ڳالھين، توڙي 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ هڪ بنگالي مسلمان اي ڪي فضل حق جي پيش ڪيل ۽ مسلم ليگ طرفان پاس ڪيل قرارداد پاڪستان تي عمل ڪرڻ سان پاڪستان کي خوشحالي ڏانھن وٺي وڃي سگهجي ٿو.

جناح صاحب جي تقريرن جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. جناح صاحب هڪ جلسي ۾ ملڪ جي محافظ ادارن ڏانهن مخاطب ٿيندي  چيو ته، “پنهنجي حلف، آئين جي پاسداري ڪيو، پالسيون بڻائڻ توهان جو ڪم ناهي، اُهو عوام جي نمائندن جو ڪم آهي، اُنهن کي ڪرڻ ڏيو”. جناح صاحب آل انڊيا مسلم ليگ جي اپريل 1943، دهليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته،” پاڪستان جو آئين ۽ حڪومت اها هوندي، جنهن جو فيصلو عوام ڪندو”. پاڪستان جي نئين ۽ پهرين آئين ساز اسيمبليءَ جي افتتاحي اجلاس جي موقعي تي 11 آگسٽ 1947ع تي جناح صاحب پنھنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته، “توهان جو تعلق ڪنهن به مذهب يا ذات، عقيدي سان هجي، ان سان ڪو واسطو ڪونهي….. اسان ان بنيادي اصول سان پنهنجو آغاز ڪريون ٿا ته اسان سڀ ھڪ رياست جا، برابر جا شهري آهيون….. ”

پاڪستان جي مستبقل جي آئين بابت، پاڪستان جي سياست بابت هن ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو خيال هڪ جديد رياست ۽ جمھوري وفاقي آئين ڏيڻ وارو هو. ان ڪري پاڪستان کي اڄ به جناح صاحب جي تصور واري جمهوري وفاقي ملڪ بڻائڻ جي سخت گهرج آهي.