اسان جا تعليمي ادارا ۽ اَسھپ وارا رويا

0
66
اسان جا تعليمي ادارا ۽ اَسھپ وارا رويا

 تعليمي ادارن ۾ نوجوانن پاران ملھايل ثقافتي ڏڻ تي ڪجھ ڌريون ڇرڪيل رھن ٿيون. ڇرڪيل ڌريون غير منطقي انداز ۾ ڪجھ اڻ وڻندڙ قدم پڻ کڻي چڪيون آھن، جيڪي اسان جي معاشري جي سوچ ۽ عمل تي ڪيترائي سوال پيدا ڪن ٿيون.

                 اسان جو ملڪ گھڻ لساني ۽ گھڻ ثقافتي ملڪ آھي، انھيءَ ڪري ضروري آھي ته سڀني لساني ايڪاين کي ھڪ جھڙا ترقي جا موقعا مھيا ڪري ڏنا وڃن. مگر اسان وٽ سماجي توڙي رياست پاران انتظامي سطح تي جيڪا  اسھپ آھي، سا اسان جي اندر جي چور کي ظاھر ڪري ٿي ۽ انھي ڳالھ طرف اشارو ڪري ٿي تہ اسان جي رياست پاران قائم ڪيل سمورو ملڪي نظام عدل ۽ انصاف جو اڄ به وڌيڪ  گھرجائو آھي. انھي صورتحال مان خبر پوي ٿي ته ڪٿي نه ڪٿي اسان ۾ ڪا کوٽ ضرور آھي، جنھنڪري اندر جو چور اسان کي ھر ھر اھڙا قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رھيو آھي، جيڪي عدل ۽ انصاف جي نفي ڪن ٿا ۽ مھذب دنيا ۾ اسان لاءِ  خواري جو سبب بڻجن ٿا.

ھن وقت دنيا  جا فاصلا ختم ٿي چڪا  آھن، جنھنڪري اسان جا ڪرتوت ڳجھا نه ٿا رھي سگھن، نه ئي اسين دنيا جي ٻين قومن کان الگ رھي سگھون ٿا. مُني صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اڃان تائين اسين پنھنجي تعليمي ادارن ۽ استادن جي تقدس کي سمجھي نه سگھيا آھيون، جن قومن استادن جي عظمت کي سڃاتو آھي، انھن  وٽ اڄ دنيا جي قيادت موجود آھي. جنھن  معاشري ۾ انفرادي توڙي  اجتماعي سطح تي اھڙي قسم جي  اسھپ پيدا ٿي پوي ٿي ته پوءِ اھڙو معاشرو اڳتي وڌڻ جي بدران پوئتي پير ڪندو آھي، اتي ھر ان عمل جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا اسان جي ذاتي خيالن ۽  مفادن سان ٽڪراءَ ۾ اچي ٿي! اھڙي قسم جي صورت حال ڪنھن بہ سماج جي  فڪري توڙي مادي ترقي لاءِ ھاڃيڪار بنجي پوي  ٿي. جڏھن سماج ۾ “سوال ڪرڻ” ۽  “اختلاف ڪرڻ” جي رستا روڪ ڪئي ويندي آھي، تڏھن اھڙو سماج ھڪ اونداھي کڏ ۾ ڪري پوندو آھي، جتان نڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. اڳتي ھلي اھڙن لولن لنگڙن مگر بند ذھن سماجن جون تخليقي صلاحيتون زنگ آلود ٿي پون ٿيون. اھڙا سماج ۽  قومون پنھنجو وجود برقرار رکي نه سگھندا آھن. “سوال ڪرڻ” يا “اختلاف ڪرڻ” ڪا خراب ڳالھ ناھي، ھن سان تحقيق ۽ تخليق جا در کُلن ٿا، نيون علمي وسعتون دريافت ٿين ٿيون، ھڪ ٻئي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ وارو ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. پراڻن خيالن جي جاءِ تي نوان نظريا جنم وٺن ٿا. سموري دنيا ۾  ھن وقت جيڪا علمي ادبي يا سائنسي  ترقي نظر اچي ٿي. ان جو بنياد “سوال” ۽ “اختلاف” تي بيٺل آھي. معاشري ۾  تقليد پسندي جڏھن حد کان وڌيڪ وڌي ويندي آھي، تڏھن زندگي جي ھر شعبي ۾ عطايت پيدا ٿيندي آھي، جيڪا پنھنجي اسلاف (ابن ڏاڏن) جي ڪلھن تي چڙھي پنھنجو قد وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آھي ۽ سماجن ۾ جمود واري صورتحال پيدا ٿيو پوي. ٻين لفظن ۾ سماج فڪري طور سنڍ ٿيو پون، اھڙي ھاڃيڪار صورت حال سبب ڪيتريون ئي قومون مختلف تضادن جو شڪار بنجي ترقي جي ڊوڙ ۾ گھڻو پوئتي رھجي وڃن ٿيون.

تعليمي ادارن جو بنيادي مقصد شعور جي آبياري ڪرڻ ۽ سماج کي متوازن رکڻ آھي. شعور جي آبياري تڏھن ٿيندي جڏھن نوجوانن کي گھٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول مان ڪڍي کين آزاد فضا ۾ جيئڻ جا موقعا ڏنا وڃن. کين پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي. خوشيون يا تھوار ملھائڻ انسانن جو ڪائناتي حق آھي. تھوارن ۽ خوشين ملھائڻ جي ڪري انسانن جي وجود ۾ موجود منفي خيالن ۽ ڪروڌ کي شڪست ملي ٿي. نوجوانن جي شخصيت ۾ پيدا ٿيل ھيجان شانت ٿئي ٿو ۽ نوجوان پنھنجي صلاحيتن کي سماج جي تعمير و ترقي لاءِ ڪتب آڻين ٿا، جيڪا سماج جي ضرورت آھي.

تعليمي ادارن ۾ غير نصابي سرگرمين جو مقصد ئي اھو ھوندو آھي ته نوجوانن ۾ قائدانه صلاحيتون پيدا ڪيون وڃن. کين سماج لاءِ ڪارآمد بنايو وڃي ته جيئن ھو زندگي جي ھر شعبي ۾ نواڻ جا متلاشي رھن، علم کي روح ۽ فڪر جي ترقي سان گڏ سماج جي مادي ترقي جو پڻ ذريعو بنائڻ گھرجي. اسان وٽ ھن وقت جيڪا سماج ۾ عدم برداشت سبب ڀڃ ڊاھ واري صورت حال پيدا ٿي پئي آھي، اھا ٻين لفظن ۾ اسان جي لاءِ انھي ڳالھ جي طرف اشارو ڪري ٿي ته اسان جا ڪيترائي ادارا پنھنجي قائم ٿيڻ واري اصل مقصد کي حاصل نه ڪري سگھيا آھن ۽  قوم ھڪ ڪٽيل لغڙ وانگر ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪي رھي آھي.

اسان کي سمجھڻ گھرجي ته اعتدال ۽ انصاف وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ڪجھ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ نئين سر سوچڻو پوندو. ڏنڊي جي زور تي قومن جي فڪري آزادي جي رستا روڪ کان پاسو ڪرڻو پوندو. سماج جو وجود پھريائين ٿيو ۽  رياست جو  پوءِ. رياست سماج جي خوشين ريتن رسمن ۽ رواجن لاءِ ماحول سازگار بنائڻ لاءِ پابند آھي، رياست کي ماڻھن جي سوال ۽ اختلاف ڪرڻ  جي گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن ھڪ صحتمند معاشرو قائم ٿي سگھي. تعليمي ادارن جي واڌ ويجھ ۾ سياسي مداخلت بجاءِ کين مناسب آزادي ڏئي معاشري جي ضرورتن سان ڳنڍڻو پوندو ته جيئن ھڪ ترقي پسند روشن خيال ۽ باوقار سماج تخليق ڪري سگھجي. اسان جي نوجوانن جون صلاحيتون ضايع ٿيڻ کان بچي سگھن، نوجوان ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪار آمد بنجي سگھن، اھڙي طرح تعليمي ادارا سماج لاءِ ڪارآمد بنجي پنھنجو مقصد حاصل ڪري سگھن.