ملير:جسقم جو مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ مبينا طور گرفتار

0
503

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو جاري، ملير ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ مبينا طور گرفتار، الاهي بخش بڪڪ جي ڌيءُ مرڪ الاهي بخش جو چوڻ آهي ته بابا سان ڪالهه کان ڪوبه رابطو ناهي ٿيو، فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ تي ميسيجز اُمانيون ٿا پر پڙهڻ باوجود ڪوبه جواب نٿو اچي، جسقم اڳواڻ جي گرفتاري جلد ظاهر ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف مظاهرا به جاري، سڪرنڊ ۾ قومپرست ڪارڪنن طرفان هٿڪڙيون ۽ اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج، بحريه ٽائون ڌرڻي کانپوءِ قومپرست ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ڪيسز خلاف نعريبازي، وارهه، دولتپور ۽ ٻين شهرن ۾ به قومپرست ڪارڪنن جا مظاهرا، اڳواڻن کي آزاد ڪري دهشتگردي جا ڪيسز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.