پوليس جي دردناڪ ڪهاڻي

0
170
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

خالد ميمڻ ڦل مان لکي ٿو

ڦل ٿاڻو شھر جي هڪ اهم موڙ جيئن ئي شھر ۾ داخل ٿبو ته چؤواٽي تي ٺھيل آھي جتان سڌوجا-مورو،نوشھروفيروز،پڊعيدن ۽ درياءَ خان مري جا روڊ ملن ٿا ۽ انهن روڊن تي روزانو گاڏين جي وڏي اچ وڃ هوندي آھي ۽ هن ٿاڻي جي حد به آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن تائين هجي ٿي جڏهن ته سڄو سارو ڦل شھر به آھي ايتري وڏي ايريا ۽ شھر هوندي به ڦل ٿاڻي تي عملو صرف 6 ڄڻن جو موجود هجي ٿو جنهن ۾ هڪ ايس ايڇ او هڪ وڏو منشي هڪ اي ايس آئي ۽ باقي صرف 3 سپاهي آھن. اهي 6 ڄڻا ڪهڙو ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري سگهندا ۽ ڏينهن رات چيڪنگ ۽ پيٽرولنگ ڪيئن ڪري سگهندا ان سلسلي ۾ مون جڏهن اهو سوال هڪ پراڻي تجربيڪار پوليس ايس ايڇ او کان پڇيو ته ان چيو ته هتي سرڪار طرفان 30 ڄڻن جو عملو مقرر ڪيل آھي جنهن مان 6 ڄڻا ڊيوٽي ڪن ٿا باقي ٻيا ويزا تي ويل آھن ۽ اهڙي ئي طرح ضلعي نوشھروفيروز سميت سڄي سنڌ ۾ پوليس وارا ماهوار پنج کان ڏهه هزار روپيا ڏئي گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا جڏهن ته ٿاڻن تي پوليس کي هٿيار ۽ ٻيو سامان به پورو نه آھي ۽ وڏن شھرن کان علاوه باقي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ پوليس عملي کي رهڻ جي لاءِ به ڪا ڪالوني يا سرڪاري ڪوارٽر نه آھن جنهن جي ڪري اسان مجبورن پنهنجن يارن دوستن يا شھر جي ڪنهن سياسي يا معزز ماڻھن وڏيرن جي اوطاقن تي رهڻ لاءِ مجبور هوندا آھيون. پوليس موبائيلون پڻ صفا پراڻيون ۽ کٽارا ملنديون آهن جنهن جي مينٽيننس تي ماهوار هزارين روپيا خرچ ايندو آھي ٿاڻي جي عمارت تي خرچ به اسان پنهنجي کيسي يا هتان جي معززين کان وٺي ڪندا آھيون ۽ پوليس موبائيلن جو تيل به اسان کي نه ملندو آھي حالانڪه اهي سڀ خرچ ٿاڻي کان پوليس موبائيلن جي مرمت ۽ تيل تائين سڀ سرڪاري ملندو آھي پر اهو پيسو هيٺ ٿاڻي تائين پهچڻ کان اڳ ئي واٽ تي حصا پتي ٿيو ٿو وڃي. ان کان علاوه ايف آئي آر جي لاءِ گهربل اسٽيشنري جو خرچ به نه ٿو ملي جيڪو اسان مجبورن پنهنجي کيسي يا وري ڪيس داخل ڪرائيندڙن کان وٺندا آھيون. هن جو چوڻ هو ته رشوت وٺڻ جا جيڪي الزام لڳايا وڃن ٿا اهي بلڪل صحيح آھن پر جيڪڏهن اسان رشوت نه وٺون ته ڪيئن م منٿليون پهچايون ۽ جيڪڏهن منٿليون نه ٿا پهچايون ته نوڪري ڪيئن ڪري سگهنداسون. انڪري مجبورن اسان نوڪريون بچائڻ خاطر رشوت به وٺون ٿا ۽ ڪنهن سان حال به اوري نه ٿا سگهون ڇوته جيڪڏهن سڌو سچ ڳالهائينداسون ته نوڪري هلي ويندي يا وري سزا طور ڪٿي ڏکي سائيڊ تي موڪليو ويندو. سنڌ پوليس وارن جو پگهارون پنجاب ۽ ٻين صوبن جي پوليس وارن کان گهٽ آھن اهو ٻٽو معيار آھي اسان جون به پگهارون انهن جي برابر ڪري اسان کي به سڀ سهولتون ڏنيون وڃن جيڪي ٻين فورسز وارن کي ڏنيون ٿيون وڃن ۽ اسان جي پوليس مان سياسي ڀوتارن وڏيرن جي مداخلت ختم ڪرائي وڃي ميريٽ تي مقرريون،بدليون،پوسٽنگون ڪيون وڃن ته پوءِ ڏسو ڪيئن ٿي سنڌ پوليس دنيا جي بهترين پوليس جو رڪارڊ قائم ڪري، باقي جيڪا صورتحال هن مهل هلي رهي آھي ته پوليس ۾ مقرريون،بدليون سياسي بنيادن پسند، ناپسند ۽ پيسن جي عيوض ڪيون ٿيون وڃن ته پوءِ ظاهر آھي جيڪو نوڪريون وٺي ڏيندو سڻڀيون من پسند پوسٽنگون ڪرائيندو اهو پوليس کان پنهنجا ناجائز ڪم به ته ضرور وٺندو ۽ اها صورتحال هلي رهي آھي. گهوٽڪي،شڪارپور،ميرپور ماٿيلو ۾ ڪيترائي بهادر جوان پوليس وارا سياسي ڀوتارن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي ملي ڀڳت ۽ نااهلي سبب شھيد ٿي ويا آھن ۽ جيڪڏهن اڃان به اها صورتحال برقرار رهي ته پوليس جي نوڪري صرف ۽ صرف وڏن ماڻھن ۽ وڏن آفيسرن جي پروٽوڪول پوليس بنجي ويندي جڏهن ته ڏوهه ڏينهون ڏينهن وڌندا ويندا ۽ پوليس صرف نالي جي پوليس وڃي رهندي ۽ عوام ايئن ئي پيو ڦربو. سڄي نوشھروفيروز سميت سڄي سنڌ اندر بدامني روزبروز وڌنڌي پئي وڃي ۽ پوليس وڏا ڏوهاري پڪڙڻ بدران رڳو گهر ويٺي موالي پڪڙي روزانو پريس ريليز جاري ٿي ڪري. منهنجي وزيراعظم سنڌ جي وزيراعلي،آئي جي سنڌ کي گذارش آھي ته سنڌ  پوليس کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪرايو وڃي، نج ميريٽ جي بنياد تي پوليس جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون وڃن ۽ سنڌ پوليس جون پگهارون ٻين صوبن جي پوليس جي برابر ڪري کين سڀ سهولتون مهيا ڪري پوءِ کانئن بهتر نتيجن جون اميدون ڪيون وڃن ته سنڌ جو عوام سک سان رهي سگهي.