ملير: فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سوڌو 3 اهلڪار زخمي، جوابدار مارجي ويو

0
162
ملير: فائرنگ ۾ ايس ايڇ او

ملير  (ن پ ا)  ڪراچي جي معين آباد واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ايس ايس پي ملير جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي دوران ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن کي فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ هڪ جوابدار مارجي ويو

ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار پوليس اهلڪارن کي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد کيس گرفتاري لاءِ گهر ۾ داخل ٿي ته پوليس مٿان فائرنگ ڪئي

گولي لڳڻ ايس ايڇ او شرافي ٿاڻو عديل شاھ زخمي ٿي پيو، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو

ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 56 ورهين جي مجيد گل پٽ حميد گل طور ٿي آهي