ثانيا سان محبت ڪيئن ٿي؟ شعيب ملڪ جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو

0
431
ثانيا سان محبت ڪيئن

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ  زال ثانيا مرزا سان محبت جي شروعات بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائيندي چيو ته منهنجي طرفان محبت جو آغاز ٿورو مختلف ٿيو هو، ان ڪري ان سوال جو جواب ثانيا کان ورتو وڃي. جنهن تي ثانيا ٻڌايو ته اسان پهريون ڀيرو 2004ع يا 2005ع ۾ ڀارت ۾ ان وقت مليا هئاسين جڏهن شعيب ٽوئر تي آيل هو ۽ اسان جي پهرين ملاقات دهلي ۾ ٿي هئي، پر اها ملاقات هڪ عام هئي، جنهن ۾ مون عام ڳالهيون ڪيون پر ان ملاقات کان پوءِ اسان جي ڳالهه ٻول شروع ٿي، بعد ۾ اسان جي محبت 2009ع م شروع ٿي

ثانيا ٻڌايو ته کيس شعيب جي سادگي پسند آئي هئي. شعيب ملڪ چيو ته ثانياه جي خوبصورتي کيس پسند هئي، جڏهن ته ثانيا سان پهرين ملاقات کانوءِ ئي امان ۽ بابا جي ڪال ملائي هئم ۽ پنهنجي پسند جي باري ۾ ٻڌايم. اڳوڻي ڪپتان ٻڌايو ته ڳالهه ٻول جي چئن مهينن بعد اسان شادي ڪري ورتي