ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

0
30
ذهني ۽ نفسياتي مريض ۽ رازداريءَ واري قانون جي ڀڃڪڙي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

هونئن ته ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي پر منظم رٿابنديءَ سان سنڌ کي ان مان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. سنڌ جي سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلچر سان آهي. اها سنڌ، سنڌ جي گاديءَ واري شهر مان ‘ڀونءِ- بدر’ ڪئي پئي وڃي. ڪراچي ۾، جي ڪٿي سنڌ آهي ته اهي ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ آهن پر انهن تي به قبضا ڪري ڪنڪريٽ جي جهنگ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. مختلف وقتن تي ڪراچي جي قديم ڳوٺن ۽ وسندين تي قبضا ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙي ئي تازي واردات ملير جي ويهن ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ جي ڪوشش جي صورت ۾ سامهون آئي آهي. ملير ضلعي ۾ واقع 20 ڳوٺ خالي ڪرائڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن ۽ رهواسين کي ٻن هفتن اندر ڳوٺ خالي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. ڳوٺاڻن موجب، اهي ڳوٺ 1987ع واري ڳوٺ آباد اسڪيم هيٺ رجسٽر ٿيل آهن، جن جون ڳوٺاڻن وٽ سندون پڻ آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺن سان گڏ سندن 13180 ايڪڙ سروي زمين پڻ آهي، جيڪا پڻ الاٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. يو سي گهگهر جي وائيس چيئرمين جو اهو موقف رپورٽ ٿيو آهي ته ديهه ڍانڍو جي 14 هزار ايڪڙن مان ساڍا 10 هزار ايڪڙ ۽ ديهه ڪوٽيرڙو ۾ 2680 ايڪڙ زمين تي نشان لڳايا ويا آهن ۽ 20 ڳوٺن جي رهواسين کي گهرائي گهر خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آباديءَ جو توازن ۽ تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري هن ملڪ جي تاريخ آهي. ورهاڱي بعد هڪ رٿابندي سان فساد ڪرائي ڪراچيءَ جي مقامي آباديءَ جو وڏو حصو، جيڪو گهڻي ڀاڱي مڊل ڪلاس جي ماڻهن تي مشتمل هو، ان کي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ خال پيدا ڪري ان کي هندستان مان آيل ماڻهن سان ڀريو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم جون ڪوششون شامل هيون. پهرين مارشل لا جي دور ۾ وڏي تعداد ۾ پشتون آباديءَ کي آڻي هتي آباد ڪيو ويو ۽ پوءِ ٻاهرين ماڻهن کي هتي آباد ڪرڻ جو سلسلو لڳاتار جاري آهي. افغان جنگ جا ڏتڙيل ڪٽڪ به ڪراچي ۾ سمائجي ويا، نيون افغان وسنديون قائم ٿي ويون، برمي، بهاري ۽ بنگالي به اچي ويا، ڪچيون آباديون وڌنديون ويون ۽ سنڌ جي گاديءَ وارو هي شهر سنڌي ماڻهن لاءِ سوڙهو ٿيندو ويو. ڪراچيءَ جي جيڪا سنڌي آبادي آهي، اها ملير ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي صورت ۾ آهي. ملير جا اهي قديم ڳوٺ، جيڪي صدين کان آباد آهن. انهن ڳوٺن ۽ وسندين جي عمر هن ملڪ جي عمر کان به وڌيڪ آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن قديم ڳوٺن ۽ وسندين کي قبضا ڄاڻائي، غير قانوني قرار ڏيئي مسمار ڪرڻ جو عمل جاري آهي. گهڻو ڪري قبضا لينڊ مافيا، بلڊر مافيا طرفان پوليس ۽ روينيو کاتي ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي مدد سان ٿيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گهڻو وقت اقتدار ۾ رهي آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته صدين جي عمر رکندڙ ڪراچي جا قديم ڳوٺ پڪا نه ڪيا ويا آهن. هر دور ۾ دعوائون ته ڪيون ويون آهن پر انهن تي عملي اڳڀرائي نظر نه آئي آهي. انهن سنڌي وسندين ۽ قديم ڳوٺن کي قبضا ڄاڻائي ڊاهڻ جو عمل جاري آهي يا وري انهن کي خالي ڪرايو پيو وڃي. ملير جي جن ويهن ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، اتي جي ڳوٺاڻن کي به لڳ ڀڳ چار ڏهاڪا اڳ سندون مليل آهن ۽ اهي ڳوٺ رجسٽرڊ آهن. ڳوٺاڻن جون اهي پڻ دانهون آهن ته سندن سروي زمين، جيڪا 13 هزار ايڪڙن کان به وڌيڪ آهي اها پڻ ڌارين کي الاٽ ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ان سڄي عمل ۾ سنڌ جي واڳ ڌڻين جي سهولتڪاري کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

ملير وارن علائقن مان حڪمران جماعت جا چونڊيل نمائندا سڄي صورتحال کان لاتعلق بڻيل آهن ۽ “ڏٺو ويندو” جهڙن بيانن تائين محدود آهن. سنڌ حڪومت کي ملير جي سنڌي وسندين جي وارثي ڪرڻ گهرجي ۽ ڳوٺاڻن کان ڳوٺ خالي ڪرائڻ واري هر عمل ۽ ڪوشش جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ طريقي سان عوامي مينڊيٽ جو حق ادا ڪري سگهجي ٿو.