مقصودو رند(رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 15ھين ميچ ۾ خيرو رند اليون ڪاميابي حاصل ڪري ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. راحب علي رند پاران شروع ڪرايل جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 15ھين ميچ ۾ رند اليون ۽ جمالي اليون جون ٽيمون آمھون سامھون ٿيون. ميچ ۾ جمالي اليون جي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 15 اوورن ۾ مھتاب خاصخيلي جي 44 رنسن جي مدد سان 155 رنسون ٺاهيون. اھڙي طرح خيرو رند اليون کي 156 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ خيرو رند اليون جي ٽيم الاھي بخش جي 30 رنسن جي مدد سان 156 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٽورنامينٽ جي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، رند اليون جي آصف خاصخيلي کي راحب علي رند مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو.