مشهوري ڳچي پئجي وئي: ڀارت ۾ دنيا جا سڀ کان مهانگا انب چوري

0
229
مشهوري ڳچي پئجي وئي: ڀارت ۾ دنيا جا سڀ کان مهانگا انب چوري
مشهوري ڳچي پئجي وئي: ڀارت ۾ دنيا جا سڀ کان مهانگا انب چوري

نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت جي رياست اڙيسا ۾ انبن جي باغ ۾ پيدا ڪيل دنيا جي سڀ کان ناياب ۽ مهانگي انب کي چوري ڪيو ويو آهي

ان انب جي عالمي منڊي ۾ قيمت 2.5 لک رپيا ڪلو يا ان کان به وڌيڪ آهي. ان انب جا فوٽو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا ويا جنهن بعد انب باغ مان چوري ڪيا ويا آهن. باغ جي مالڪ لڪشمي نارائڻ پنهنجي باغ ۾ ناياب انبن جا 38 قسم پيدا ڪيا ۽ انهن جي غيرمعمولي قيمت کان دنيا کي آگاهه ڪيو

هن قيمتي انب جي وڻ جو فوٽو شيئر ڪيو ته ٻئي ڏينهن تي ان انب جا 4 ٽوڪرا چوري ٿي ويا جنهن سان مالڪ پريشان آهي. دنيا جو سڀ کان مهانگو انب ميازڪي آهي جيڪو ڄمون رنگ جو هوندو آهي جيڪي جاپان جي شهر ميازڪي ۾ پوکيا ويندا آهن جنهن تان ان جو نالو رکيو ويو آهي

ان انب جا ٻه ٽي قسم مڌيا پرديش جي علائقي جبل پور ۾ پيدا ٿيندا آهن جن جي حفاظت لاءِ سيڪورٽي عملو به مقرر آهي. ميازڪي انبن جي قيمت 2 لک 70 هزار ڀارتي رپيا يا 10 لک پاڪستاني رپيا آهي. انهن انبن کي ايگز آف سن شائن ۽ ڊائنوسار جو آنو به سڏيندا آهن. انب جو وزن 350 گرام آهي جنهن ۾ کنڊ جو مقدار 15 سيڪڙو يا وڌيڪ هوندو آهي