ٽائٽن آبدوز جي سمورن مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق، سانحي سبب ماڻهن جو بهترين ۽ ڀيانڪ ڪردار سامهون آيو: دائود خاندان

0
291

ٽائٽينڪ جهاز جو ملبو ڏسڻ لاءِ آبدوز ۾ سوار ٿي سمنڊ ۾ ويل ٻن پاڪستانين سميت 5 ئي مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق، گم ٿيل آبدوز ٽائٽان جو ملبو ٽائٽينڪ جهاز جي ويجهو ئي هٿ آيو، ملبو هٿ اچڻ بعد آبدوز جي مالڪ ڪمپني اوشين گيٽ 5 ئي مسافرن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

 اوشين گيٽ پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي اسان کي يقين آهي ته اسان پنهنجو سي اي او اسٽاڪٽن رش، شهزاده دائود، سندس پٽ سليمان دائود، هميش هارڊنگ ۽ پال هينري کي وڃائي ويٺا آهيون، اهي سمورا ماڻهو سچا ايڪسپلورر هئا جن مهم جوئي جو هڪ ڌار جذبو ڏيکاريو

 اسان انهن 5 ئي ڄڻن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، امريڪي ڪوسٽ گارڊز پاران به سياحن جي فوت ٿيڻ جي تصديق، فوت ٿيل مسافرن ۾ پاڪستاني اينگرو ڪمپني جو وائيس چيئرمين شهزاده دائود، سندس پٽ سليمان دائود، اوشين گيٽ ڪمپني جو سي اي او اسٽاڪٽن رش، فرانسيسي شهري پال هينري ۽ برطانوي ارب پتي هميش هارڊنگ شامل آهن

 آمريڪي ڪوسٽ گارڊز جو چوڻ آهي ته آبدوز ڪيئن تباهه ٿي ان جو پتو لڳايو ويندو، آبدوز جو اهو خول جنهن ۾ مسافر سوار هئا، اهو اڃا نه ملي سگهيو

دائود خاندان جي طرفان ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انتهائي افسوس سان اسان شهزاده ۽ سليمان دائود جي موت جو اعلان ڪيون

ٿا

اسان جا پياره ٻچڙا اوشن گيٽ جي ٽائٽن آبدوز ۾ موجود هئا، جيڪا وڃي سمنڊ اندر گم ٿي وئي، فوت ٿيل ۽ اسان جي خاندان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو

بي بي سي کي ڏنل بيان ۾ دائود خاندان جي طرفان اهو به چيو ويو ته ههڙي نوعيت جي ڪهڙي به سانحي جي طرح هن به ماڻهن جي بهترين ۽ ڀيانڪ ڪردار کي وائکو ڪيو آهي

ڪجهه اهڙن موقعن تي پنهنجو تمام گهڻو سهارو ڏيندا آهن ۽ ڪجهه وري اهڙن موقعن تي پنهنجو ذاتي فائدو وٺڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن

هي به پڙهندا

ٻن پاڪستاني شهرين سميت سمنڊ ۾ گم ٿي ويل آبدوز جي ڳولا ۾ اهم اڳڀرائي