مسڻ (رپورٽ: عرفان جرار) مسڻ ويجھو ڳوٺ پنھون  سينھڙو ۾  سھڻي درتي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ٿي گذريو، جنھن ۾  ميرپور خاص ۽ ٽنڊوالھيار ضعلي  جي  30 ٽيمن حصو ورتو. بيگن جروار اسپورٽس ۽ گڙبڙ اسپورٽس ٽنڊوالھيار جون  ٽيمون فائنل ۾ پھتيون، بيگن جروار اسپورٽس جي ڪپتان اشفاق جروار ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. گڙبڙ اسپورٽس مقرره 8 اورن ۾ 124 رنسن جو حدف ڏنو جنھن ۾ نادر 62 رنسن سان ناٽ آئوٽ رھيو ۽ اميت 30 رنسون ٺاھيون. گڙبڙ اسپورٽس جو ڏنل ٽارگيٽ بيگن جروار اسپورٽس بنا ڪنھن وڪيٽ ڪيرائڻ جي 6 اورن ۾ مڪمل ڪري ورتو. جنھن ۾ اويس پٺاڻ 72 رنسون سان ناٽ آئوٽ رھيو ۽ عابد خاصخيلي 43 رنسن سان ناٽ آئوٽ رھيو. بيگن جروار جي بالر شاھنواز جسڪاڻي 2اورن ۾ 9 رنسون ڏيئي 3 وڪيٽون ورتيون جڏھن ته مين آف دي ميچ اويس پٺاڻ ۽ مين آف دي سيريز گڙبڙ اسپورٽس جو جاويد رستماڻي رھيا. فائنل ۾ آيل مھمانن وڏيرو قادر بخش سينھڙو نظير احمد جسڪاڻي امجد گوپانگ وڏيرو محمد سينھڙو ۽ شڪيل اوٺو انور جسڪاڻي کٽيندڙ ٽيم کي ڪيش انعام ۽ ٽرافي ڏني وئي.