مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾2 مهينن کان ڊرينيج سسٽم جي صفائي نه ٿي سگھي، جنھن سبب گندو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پيو آهي، جڏهن ته گندو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ٻي طرف صفائي نه ٿيڻ سبب شهر جي مختلف علائقن جامع مسجد بازار، چنا پاڙو، ترڪ محلو،خاصخيلي پاڙو، پوليس چيڪ پوسٽ ۽ ٻين علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، ان حوالي سان شهرين دانيهندي چيو ته گندگي سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.