محبت ديرو(ن پ ا) محبت ديرو شھر صفائي عملي جي ڪم ڇڏ ھڙتال سبب گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويو. شھر جي ھر گھٽي ۽ روڊ رستا گندگيءَ جي ور چڙهي ويا، جڏھن ته صفائي نه ٿيڻ سبب ناليون اٿلڻ لڳيون ۽ گندو پاڻي گھٽين رستن ۽ روڊن تي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو جنھن سبب شھري شديد مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن ۽ گندگي سبب ڪيترن ئي بيمارين پڻ منھن ڪڍيو آھي ٻئي پاسي يونين ڪائونسل محبت ديرو جي ملازمن پگھار جاري نه ٿيڻ تي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي يوسي محبت ديرو جي ملازمن دانھيندي چيو ته پگھار نه ٿيڻ ڪري رمضان شريف جھڙي ڀلاري مھيني ۾ اسان فاقاڪشي واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھيون. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پگھار ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.