مبينا چوري جو الزام، دڪاندار ٻن ٻارڙن کي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو

0
197

ڪراچي(م ڊ) منڊي بهاءُ الدين ۾ مبينا چوري جي الزام ۾ هڪ درناڪ واقعو پيش آيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته دڪاندار مبينا چوري جي الزام ۾ 8 ۽ 9 سالن جي ٻارڙن کي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو.

انسانيت سوز واقعي جي وڊيو منظر عام تي آئي جنهن ۾ ٻن معصوم ٻارڙن کي سائي رنگ جي پڃري ۾ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته پڃري ۾ قيد ٻارڙن جي وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ دڪاندار کي گرفتار ڪري وقعي جاچ شرو ڪري ڇڏي آهي.