بائيڊن جو ميڪرون سان رابطو،  ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي ڳالهيون

0
209
بائيڊن جو ميڪرون سان

ڪراچي(م ڊ) آسٽريليا سان آبدوز معاهدي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ فرانس جي صدر وچ ۾ رابطو ٿيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ آبدوز معاهدي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

رپورٽ موجب آمريڪي صدر سان رابطي دوران فرانس پنهنجو سفير ايندڙ هفتي واپس واشنگٽن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن طرفان بهتر مشاورت جو عمل شروع ڪرڻ تي به رضا مندي ظاهر ڪئي.

ياد رهي ته آسٽريليا فرانس سان معاهدو ٽوڙي آمريڪا سان آبدوز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن تي فرانس ناراضگي جو اظهار ڪندي آمريڪا ۽ آسٽريليا کان پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا هئا.