ماڙي جلباڻي واقعو مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو:حارث نواز

0
150

سنڌ جي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو آهي ته ماڙي جلباڻي وارو واقعو ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو، رينجرز ۾ ڪو به سنڌي پنجابي نه هوندو آهي

هن چيو ته  سنڌ رينجرز ۾ 80 سيڪڙو جوان سنڌي آهن، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي، رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي

ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڪنهن به علائقي يا ڳوٺ ۾ سرچ جي صورت ۾ ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين کي سيڪيورٽي فورسز سان سهڪار ڪرڻ گهرجي

واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪئي هئي، واقعي ۾ 4 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا

هي به پڙهندا

خدشو آهي ته پوليس ٿاڻي کي باهه ڏئي الزام اسان مٿان مڙهيندي: ماڙي جلباڻي واقعي جي متاثرن پاران جاچ ڪميٽيءَ تي بي اعتمادي ظاهر