مان توهان کي ووٽ نه ڏيندس: ڳوٺاڻي جو اڪرام الله ڌاريجو کي کتو جواب

0
70

پني عاقل ۾ ڳوٺاڻي پيپلزپارٽي جي اميدوار اڪرام الله ڌاريجو کي ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو، گڏجاڻي دوران ڳوٺاڻي چيو ته مان توهان کي ووٽ نه ڏيندس

ڪارنر گڏجاڻي دوران ڳوٺاڻي اميدوار کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اسان کي ڏنو ڇا آهي جو ووٽ وٺڻ آيا آهيو، مان توهان کي ووٽ نه ڏيندس ۽ توهان جا ٻيا ووٽ به کاريندس

ڄام اڪرام الله جي حامين پاران ڳوٺاڻي کي ڳالهائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڄام اڪرام الله ڌاريجو اشارو ڪندي چيو ته ڀلي ڳالهائڻ ڏيو

ٻئي پاسي پڊ عيدن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پي ايس 35 تان پيپلزپارٽي جي اميدوار ضياءَ لنجار کان نوجوان سوال جواب ڪيا

ضياءَ لنجار سوال ڪندڙ نوجوان کي ڊائيس تي گهرائي ڳالهائڻ لاءِ چيو، نوجوان چيو ته پيپلزپارٽي پاران ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو، چونڊيل نمائندا اليڪشن کٽڻ بعد وري واپس نه آيا، ضياءَ لنجار جي حامين طرفان نعريبازي ڪئي وئي