مانجهند (ن پ ا)مانجهند جي ڪچي واري علائقي ۾ هاري پورهيت نارو ڪولهي جي گهر کي اچانڪ باه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪکائون گهر مڪمل سڙي ويو، جڏھن ته گهر ۾ رکيل اناج، هنڌ، کٽون، ٿانو، مال جو چارو ۽ ٻيو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. متاثر نارو ڪولهي ٻڌايو ته ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هئس ته اوچتو گهر کي باهه لڳل ڏسي گهر پهچي پنهنجي مدد پاڻ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي سين پر سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آھي، جنهن سبب کليل آسمان هيٺ شديد گرمين ۾ ويٺل آھيون هن سرڪار ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ت سندس واهر ڪئي وڃي.