ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ۾ هاءِ اسڪول روڊ تان نامعلوم چور واپاري نورحسن مهتم جي دڪان جا تالا ٽوڙي 70 مڻ ڪڻڪ چورائي فرار ٿي ويا، صبح جو سوير پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس ۽ شهرين پيرا کڻايا جيڪي ڀرواري دڪان اندر لڳا، جتان پوليس شڪ جي بنياد تي دڪاندار ميرمحمد چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.