مانجهند (ن پ ا) مانجهند اسپتال ۾ ٻن ايم ايس ۾ تڪرار بعد ڪروڙين رپين جي بجيٽ جي جاچ لاء ڊي ايڇ او دادو مانجھند اسپتال پهتو، معاملي کي ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو، ان ڏس ۾ تعلقي اسپتال ۾ 18 مهينن دوران استعمال ٿيندڙ ڪروڙين رپين جي بجيٽ بابت ڪرپشن جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ جي حڪم تي ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ مانجهند اسپتال پهچي انڪوائري ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ ۽ اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر نذير سولنگي کي رڪارڊ سميت طلب ڪري 5 ڪلاڪن جي جانچ ۽ پڇا ڳاڇا بند ڪمري ۾ ڪئي وئي جڏھن ته ميڊيا کي جاچ بابت ڪجه ٻڌائڻ کان روڪيو ويو. جاچ لاء مقرر ٿيل ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ ٻڌايو ته 18 مهينن جي بجيٽ جي جاچ ڪري رپورٽ ڊي جي ھيلٿ حوالي ڪندس، جتان جلد ميڊيا کي به رپورٽ ڏني ويندي.