ميهڙ(ن پ ا)ميھڙ لڳ ڳوٺ جانب ٻلھڙو ۾ وهنجڻ دوران 8 سالن جو حسنين پٽ محمد ايوب ٻلھڙو مڇي جي تلاء ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن کي ڳوٺ وارن ڪڍي تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. لاش وارثن حوالي ڪيو ڪيو ويو، جنهن بعد وارث معصوم ٻارڙي جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا. لاش گھر ۾ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. معصوم نينگر کي گذريل رات دير سان ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.