ماتلي ۾ چاچي وٽ پناهه ورتل عورت تي حملو، مرڻينگ

0
365

ماتلي(ن پ ا) ماتلي ۾ چاچي وٽ پناهه ورتل عورت کي مڙس ۽ ڏيرن ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، پاڙي وارن پهچي عورت جي مڙس گلاب اعواڻ کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي عورت مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي خلع لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن بعد هُن پنهنجي چاچي وٽ پناهه ورتي، جوابدار گلاب لغاري چئن ڀائرن سميت گهر تي حملو ڪيو ۽ نجمه کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.