لڳي ٿو پنجاب سرڪار اختيار ڏيڻ بنا بلدياتي ادارن جو مُدو ختم ڪندي:سپريم ڪورٽ

0
195
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ لڳي ٿو پنجاب سرڪار اختيار ڏيڻ بنا بلدياتي ادارن جو مُدو ختم ڪندي، شايد بلدياتي نمائندا من و صلويٰ جو انتظار ڪري رهيا آهن، بلدياتي نمائندن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو ناهي، اُهي چاهين ٿا ته پئسو ۽ عملو ڏيو

 سپريم ڪورٽ طرفان پنجاب حڪومت تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ پنجاب مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

 عدالت چيو ته توهان سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ آهيو ۽ توهان کي ڪابه خبر ناهي، عدالت تفريح لاءِ آيا آهيو ڇا؟ توهان کي سڌو جيل اُماڻي ڇڏينداسين، عدالت ميئر لاهور کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کي ڪم ڪرڻو هجي ها ته رستن تي ويهي به ڪريو ها

سپريم ڪورٽ چيو تھ دنيا ۾ وڃي ڏسو ته بلدياتي ادارا ڪيئن ڪم ڪن ٿا، عدالت چيف سيڪريٽري پنجاب کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، پنجاب جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري به ذاتي طور طلب ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

اربين رپين خرچ ڏيکارڻ باجود روڊ تباهه آهن، اين ايڇ اي جو ڪم معياري ناهي:سپريم ڪورٽ