سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾مالي بحران جو ذميوار ڪير !؟

0
293
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ جي تعليمي نظام تي ته ڪيترائي سوال اٿندا رهيا آهن،انهن تي بحث به ٿيندو آهي انهن جي بهتري جون تجويزون به اينديون آهن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون به ٿينديون رهنديون آهن پر اڃان تائين صورتحال اهڙي ناهي جو مطمئن ٿي ان تي ڳالهائڻ کان بس ڪري ويهي رهجي، ان تي تنقيد نه ڪجي. پرائمري کان وٺي ڪاليج سطح تائين تعليم ته صوبائي حڪومت سان ڳنڍيل آهي تنهن ڪري ان تي هر وقت تنقيد ٿيندي رهندي آهي ته صوبائي حڪومت اهي گهربل قدم نه کڻي رهي آهي جنهن سان تعليم نظام ۾ ڪي بهتر تبديليون آڻي سگهجن. پر سنڌ جا اعليٰ تعليمي ادارا جيڪي  هن وقت بحران  ڀوڳي رهيا آهن۽ ان جو نشانو اهي غريب شاگرد بڻجي رهيا آهن انهي جو ذميوار ڪير آهي؟  ڪيتر وقت کان وٺي فين ۾ واڌ سبب شاگردن جا احتجاج هلي رهيا آهن ته يونيورسٽين جا ملازم به پگهارن ۽ خاص ڪري ريٽائر ٿيل ملازم پينشن نه ملڻ سبب پريشان آهن صوبائي حڪومت کي انهي جي پرواهه  نه آهي ته وري وفاقي حڪومت سنڌ جي اعليٰ  تعليمي ادارن ڏانهن مالي ڌيان ڏيڻ بدران رهندو انهن جي گرانٽ گهٽائي ڇڏي آهي جنهن ڪري سنڌ جون تقريبن سڀئي يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار ٿيل آهن.

سنڌ ۾ قائم 25 پبلڪ يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ استاد ،ملازم۽ پڙهندڙ شاگرد  ڪيتري وقت کان وٺي دانهون ڪري رهيا هئا،سڀني جا مسئلا الڳ الڳ آهن پر انهن جو لاڳاپو انهي مالي گرانٽ سان آهي. استاد ۽ ملازم پگهارون وقت سر نه ملڻ ڪري پريشان آهن ته ريٽائر ملازم پينشن نه ملڻ جون دانهون ڪندا رهن ٿا، انتظاميا خرچ پورا نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي فيون وڌائيندي رهي ٿي ته شاگرد انهن فين وڌڻ خلاف احتجاج تي مجبور ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته پبلڪ يونيورسٽين تائين اڪثر ڪري اهڙا شاگرد پهچن ٿا جيڪي خانگي اعليٰ تعليمي ادارن جون ڳريون فيون ڀرڻ جي سٽ نه ٿا سگهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن سڀني لاڳاپيل ڌرين جون شڪايتون جائز ۽ مناسب آهن پر سڀ کان اهم مسئلو شاگردن جو آهي جنهن کي اوليت جي بنياد تي ڏسڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پبلڪ يونيورسٽين جو مقصد ئي غريب ۽ بي پهچ شاگردن کي اعليٰ تعليم سستي ڏيڻ آهي، جو عوام جي ٽئڪس جو پئسو انهن تي خرچ ٿئي ٿو. جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميائون پنهنجي سهولتن لاءِ انهن پئسن مان اضافي خرچ ڪن ٿيون ته اها شاگردن سان زيادتي آهي ان جو حساب ڪتاب رکڻ گهرجي پر ڪجهه وقت کان وٺي انهن يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ جيڪا وفاقي حڪومت گهٽتائي ڪئي آهي اهو ئي اصل مسئلي جي پاڙ آهي جنهن ڪري سڀئي مسئلا سامهون آيا آهن. سنڌ حڪومت ور وفاق کان گهٽ پئسا ملڻ ۽ يونيورسٽين لاءِ گرانٽ گهٽائڻ جو جواز ڄاڻائي ڄڻ ته پاڻ کي انهي معاملي کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي.بلڪل وفاق طرفان يونيورسٽين جي گرانٽ گهٽائڻ سبب اهو معاملو پيش آيو آهي پر ان جو ازالو ڪرڻ يا متبادل تي سوچڻ به ته سنڌ حڪومت جو ڪم آهي جيڪا رڳو بيان ڏئي پنهنجي ذميوارين کان جان آجي نه ٿي ڪرائي سگهي.

اسان سمجهون ٿا ته وفاق جو اهڙو رويو ۽ صوبائي حڪومت جو معاملي کي سنجيده نه وٺڻ سنڌ جي اعليٰ تعليم کي نقصان پهچائي رهيو آهي، جنهن جو اثر ايندڙ وقتن ۾ ظاهر ٿيندو. جيڪا سنڌ اڳ ئي تعليم جي حوالي سان ٻين صوبن کان گهڻو پوئتي آهي اها وڌيڪ پوئتي هلي ويندي. تنهن ڪري وفاقي سرڪار سان ان سلسلي ۾ ڳالهائڻ به صوبائي حڪومت جو ڪم آهي ۽ پنهنجي حصي جي گرانٽ حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ اهڙو بندوبست ڪرڻ گهرجي ته جيئن تعليمي ادارا ڪنهن پريشاني کي منهن نه ڏين ۽ شاگردن تي به فين جو اضافي بار نه وجهجي.