سکر: سکر بئراج ۽ لينسڊائون پل متعلق عدالت جو تاريخي فيصلو آيل، عدالت لينسڊائون پل ۽ سکر بئراج جي تاريخ ۽ اھميت ايليمينٽري سطح تي نصاب ۾ شامل ڪرڻ، ٻنھي تاريخي آثارن کي ھيريٽيج پراپرٽي قرار ڏئي نوٽيفاءِ ڪرڻ، سکر بئراج ۽ لينسڊائون پل جي مواد لاءِ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي ماھر انجنيئرز، تعليمدانن ۽ آرڪيالاجي ماھرن تي مشتمل ٽيم جوڙي مواد کي 24-2023 جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، حڪومت پاران صرف ھيريٽريج پراپرٽي نوٽيفاءِ ڪرڻ ۽ بحالي وارو ڪم شروع ڪيو آھي، باقي نصاب ۾ شامل ڪرڻ سميت عدالتي ٻين حڪمن تي عمل ناھي ٿي سگھيو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ تاريخي لينسڊائون پل متعلق داخل پٽيشن جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 25 مارچ 2023ع تي 14 صفحن تي مشتمل تاريخي فيصلو جاري ڪندي ڄاڻايو ته سکر بئراج ۽ لينسڊائون پل کي ھيريٽيج پراپرٽي نوٽيفاءِ ڪري ھڪ مھيني اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ڄاڻايل قديمي ۽ تاريخي آثارن جي مرمت توڙي بحالي لاءِ مستقل قدم کنيا وڃن، سال 24-2023ع جي ايليمينٽري اسڪول سطح تائين سکر بئراج ۽ لينسڊائون متعلق مواد نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، قديمي ۽ تاريخي آثارن جي حوالي سان انفارميشن ڊيسڪ، سائينٽيفڪ ليبارٽريون جوڙي آگاھي سيمينار منعقد ڪيا وڃن، آرڪيلاجيڪل سائيٽس جي تاريخ، قدامت متعلقم ڪرڻ لاءِ ماھرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وڃي، شھر جي سڃاڻپ، ڪلچر کي جاڳر ڪيو وڃي. عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ھو ته سکر جي ڄاڻايل تاريخي ۽ قديمي جاين جي ڄاڻ رکندڙ ٽوئريسٽ گائڊ مقرر ڪيو وڃي جيڪو سياحت، تفريح لاءِ ايندڙن کي تحقيق تي مبني ڄاڻ فراھم ڪري سگھي، اسڪولن، ڪاليجن جي شاگردن جا ٽوئر منقعد ڪري سکر بئراج ۽ لينس ڊائون جي دنيا ۾ افاديت، قدامت، اھميت ۽ تاريخي حوالي سان کين ڄاڻ فراھم ڪئي وڃي. اِن سان گڏ پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا ذريعي تاريخي ۽ قديمي سائٽس جي حفاظت ۽ اھميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ عوام کي آگاھي ڏني وڃي. عدالت سيڪريٽري اسڪول ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي سکر بئراج ۽ لينسڊائون جي تعارف، تاريخ، آرڪيٽيچرل ۽ سائينٽيفڪ اھميت سال 24-2023 جي ايليمينٽري اسڪول سطح تائين جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. جنھن جي لاءِ عدالت سيڪريٽري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ کي ماھر انجنيئرز آرڪيالاجسٽ ۽ تعليمي ماھرن تي مشتمل ڪاميٽي تشڪيل ڏئي، جيڪي جامع اسٽوري، تعارف تيار ڪن ۽ اھو جامع مواد نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. عدالت ثقافت، آرڪيالاجي ۽ اسڪول ايجوڪشن ڊپارٽمينٽس جي سيڪريٽريز کي عدالتي حڪم تي فوري طور عمل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي. 14 صفحن تي مشتمل عدالتي فيصلو سنڌي، اردو ۾ ترجمو ڪرائي پڻ عوام تائين پھچاڻ جو پڻ عدالت حڪم ڏنو آھي. عدالتي حڪم تي جوڙيل ٽيم آرڪيالاجي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر قاصد علي ملاح، ايڊووڪيٽ سھيل لطيف ميمڻ طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ کي به عدالت آرڊر جو حصو بڻايو، جنھن ۾ ھنن عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ لسينڊائون پل جو فوٽ پاٿ تباھ ڄاڻايو ويو آھي، تاريخي بکر جي قلعي تي به قبضي ۽ ستين جي آستاني جي مالڪي نه ٿيڻ متعلق به رپورٽ ۾ ذڪر ڪيو آھي. عدالتي حڪم کي ھڪ سال کان وڌيڪ وقت گذري ويو آھي. صرف آرڪيالاجيڪل سائيٽ وارو نوٽيفڪيشن ۽ بحالي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، باقي عدالت پاران نصاب ۾ لينسڊائون، سکر بئراج متعلق مواد نصاب ۾ شامل ڪرڻ سميت ٻين حڪمن تي عمل نه سگھيو آھي.