سکر: عدالتي حڪم تي جوڙيل ٽيم تجويزون جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ھو ته لينسڊائون پل کي سياحتي مقصد لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو، جنھن جي لاءِ پل جي صفائي، سٿرائي ۽ مرمت جي ضرورت آھي، ان سان گڏ پل جي ٻنھي پاسن وارن علائقن توڙي ٻيٽ تي ريسٽورينٽ، گرين بيلٽ، ٻارڙن جي راند واري جاءِ سميت ٻيون سفارشون پڻ رپورٽ ۾ عدالت آڏو رکيون ويون آھن.