لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پ پ سنڌ جي سڏ تي ارسا طرفان سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، بجلي ۽ گيس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف اڄ خميس ڏينهن لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ ترجمان شڪيل ميمڻ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پ پ لاڙڪاڻي طرفان جناح باغ چوڪ لاڙڪاڻي ۾ نثار کهڙي جي اڳواڻي ۾ ڀرپور احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.