اڳڙا (ن پ ا) خيرپور ويسٽ فيڊر مان اڳڙ فيض واهه مان نڪرندڙ ڪچي طرف سلوس جا دروازا ٽوڙائي ماپ کان وڌيڪ پاڻي بااثر کي ڏيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جمال محمود کهڙو، زاھد سامٽيو ، الفت سھتو، رضا کوکر، علي بخش سولنگي، ربنواز کھڙو، سڪندر سامٽيو ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي آبادگارن دانيهندي چيو ته آبپاشي عملدار پاڻي چورائي بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب پڇڙي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب زمينون غير آباد آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري جو نوٽيس وٺي پڇڙي ۾ پاڻي پهچايو وڃي.