لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار ۽ ايمبولينس ڊرائيور وڙهي پيا، 2 زخمي، 5 گرفتار، ڌرڻو

0
277

لاڙڪاڻو(ن پ ا) سول لائين ٿاڻي جي حد ليڊيز جيل روڊ تي ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۽ ايمبولينس ڊرائيور وچ ۾ سائرن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس ڊرائيور ابراهيم بليدي ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪار عرض محمد جتوئي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد سول لائين ٿاڻي جي پوليس 5 کان وڌيڪ ايمبولينس ڊرائيورن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 4 ايمبولينسون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، گرفتار ايمبولينس ڊرائيورن ۾ حمير بوهڙ، مظفر بليدي، لال ڏنو سوهو، نور احمد بليدي ۽ عبدالباسط ملاڻو ٻيا شامل آهن، پوليس جي اهڙي عمل خلاف ايمبولينس ڊرائيورن جو ايس ايس پي چوڪ تي ايمبولينسون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي انصاف نه ملڻ تائين احتجاجي مظاهرو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.