ننگرپارڪر ويجهو پيرسن عورت پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

0
156

ننگرپارڪر(ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ٻانڊي ۾ 80 ساله پيرسن عورت رتن زال رتنو ڪولھي گھر وارن سان ڪاوڙجي گھر اندر چوئنري ۾ ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پيرسن عورت جي خودڪشي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي پيرسن جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال آندو، جتان کان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب پيرسن عورت گھرو جھيڙي کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آھي.