لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) حيدري ٿاڻي جي حد حسيني محلا ۾ روزينا گوپانگ جو اڳوڻي مڙس مير محمد گوپانگ  جي گهر مان 3 ڏينهن اڳ مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو مير محمد روزينا گوپانگ کان پٽ کسي رهيو آهي ۽ عورتون دانھون پيون ڪن، جوابدار مير محمد وڊيو ۾ گھر اندر گارگند ۽ ڀڃ ڊاھ ڪندي به نظر اچي پيو. روزينا جو ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته ناري جي امڙ انصاف لاءِ دانهي رهي آهي.